Online News Room
News From Sindh

September 18, 2020. 13:16:09

پنوعاقل ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن، ڪيترائي غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

پنوعاقل (رپورٽ: عبدالرحمان چاچڙ ) سي اي او سيپڪو سکر محمد سليم گجر جي حڪم تي اسپيشل ٽاسڪ فورس سکر جي انچارج عقيل احمد جوڻيجو جي اڳواڻي م  پنوعاقل شھر جي مختلف علائقن جمعو ڀٽو، ڪينٽ روڊ، شاھي بازار م بجلي چورن خلاف ڪاروايون ڪري ڪيترائي غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، ان وقت بجلي چوري م ملوث صارفين مٿان لکين رپين جا ڊڊڪشن ھنيا ويا، ان سلسلي م ٽاسڪ فورس ٽيم جي انچارج عقيل احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چوري جي عوامي شڪايتن تي شھر ۽ ڀرپاسي ۾ بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، ڪيترائي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽياويا آھن.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي