Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 04:56:11

ڄامشوري ضلعي ۾ حڪومت پاران ورهايل راشن غيرمعياري هجڻ جو انڪشاف، بار ايسوسيئيشن جا سنگين الزام

ڄامشورو (آن لائين نيوز روم) ڄامشورو بار ايسوسيئيشن جي صدر مير احمد مڱريو، شاهد سهتو ، اسحاق قريشي ۽ ٻين جي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو آهي ته ڄامشورو ضلعي ۾ سنڌ حڪومت جي فوڪل پرسن،  راشن ڪميٽي ۽ ضلعي انتظاميا لاڪ ڊائون دوران مستحقن کي راشن ڏيڻ ۾ مڪل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ، 40 سيڪڙو مستحق ماڻھن کي  راشن ڏنو ويو اهو به من پسند ماڻھن کي ٽوڪن ڏئي پنهنجا نوازي ڪئي وئي، جيڪو راشن ڏنو ويو اهو غير معياري ۽ کائڻ لائق نه هو . هنن الزام هنيو ته 60 پرسنٽ کان مٿي رهجي ويل مستحقن کي فوري طور راشن ڏنو وڃي،  ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندڙ پورهيتن کي،  سنڌ سرڪار پاران اعلان تحت سهولتون ڏنيون وڃن، ورهايل راشن جا انگ اکر عوام  آڏو ظاهر ڪيا وڃن، ورهايل راشن غير معياري هو جتان آيو انهن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. هنن چيو ته خدا جي بستي ۾ راشن ورهائڻ دوران ماڻهن جي ڪيل تذليل جو پڻ ڪيس داخل ڪرائينداسين، ذميوارن خلاف پٽيشن داخل ڪرائينداسين.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي