Online News Room
News From Sindh

July 14, 2020. 17:56:25

تازا ترين

ڇاڇرو ويجهو باھ لڳڻ سبب ميگھواڙ برادري جي 5 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا

ڇاڇرو(نمائندو آن لائين نيوز روم) ڇاڇري ڀرسان ڳوٺ چارنور ويجهو سومار جي ڍاڻي ۾ اچانڪ باھ لڳڻ سبب ميگھواڙ برادري جي ٽن پورهيتن جا ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا،باھ متاثرن ۾ رائومل ميگهواڙ،ڀارمل ميگھواڙ دولت جھامن ۽ مٺومل ميگھواڙ جا ڪکاوان گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا،گهرن ۾ سون چاندي جا زيور کٽون بسترا،کاڌي پيتي جو سامان سوين مڻ گوار ٻاھر فصل ٻنين جا ڪاغذات نياڻن جي ڏيج جو سامان  زمينن جا ڪاغذن سميت سب ڪجهه سڙي رک ٿي ويو،باھ متاثرن ٻڌايو ته اچانڪ گهرن ۾ ويٺا هئا سون ته هڪ ڪکائين چونئري کي باھ لڳي جيڪا هوا جي ڪري ويجهن پنج گهرن کي وڪوڙي وئي،جنهن کانپوءِ ڳوٺ جا ماڻهو ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي ماڻهن ڪوششون ڪري باھ تي ضابطو آندو جڏهن ته ٽائون انتظاميه ڇاڇرو جي باھ وسائڻ واري فائربرگيڊ گاڏي پھچي نه سگھي جنهن ڪري وڌيڪ پنج گھرن جو الھ تل سڙي رک جي ڍير م تبديل ڳوٺاڻن وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان پنهنجي مدد تحت باھ تي ضابطو آندو،باھ متاثرن خاندانن چيو ته ضلع انتظامیہ سميت ڪنهن به مدد نه ڪئي آهي سخت گرمي ۾ معصوم ٻچا وٺي کليل آسمان هيٺ ترسيل آهيون،باھ متاثر خاندانن انتظاميا کي اپيل ڪندي چيو اسان غريبن جي هنگامي بنيادن تي مدد ڪئي وڃي گهرن ۾ ڪجهه به نه بچيو آهي عمرڀر جي ڪمائي تباھ ٿي وئي آهي.

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي