Online News Room
News From Sindh

January 24, 2021. 07:23:35

سنڌ حڪومت 1500 ڊاڪٽر ۽ 2800 پيرا ميڊيڪل ملازم ڀرتي ڪرڻ لاءِ سليڪشن ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) سنڌ حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي صورتحال دوران سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لا۽ 1500 ڊاڪٽر ۽ 2800 پيرا ميڊيڪل ملازم عارضي طور ڀرتي ڪرڻ جي فيصلي بعد عمل شروع ٿي ويو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ٽن ميمبرن تي ٻڌل سليڪشن ڪميٽي قائم ڪري ڇڏيون آهن هر ضلعي جو ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڪميٽي جو چيئرمين سميت سنڌ هيلٿ کاتي جو نمائندو ۽ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ جو نمائندا هوندا. ڪميٽي جو ڪم اهل اميدوارن جي نالن کي فائنل ڪري حڪومت سنڌ ڏانهن موڪلڻ ھوندو. جلد اشتھار ايندو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي