پنوعاقل (رپورٽ:عبدالرحمان چاچڙ) پني عاقل جي ڪچي واري علائقي گدپور ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن زمين تي ستل پورهيت شاهنواز چاچڙ کي اغوا ڪري ويا. ان ڏس ۾ گدپور ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ هٿياربندن پاڻي جي واري تي ويل پورهيت شاهنواز چاچڙ کي اغوا ڪري ويا، جنهن جي وارثن پاران تصديق ڪئي وئي کين چوڻ هو ته اسان جو همراه پاڻي جي واري تي ويل هو جيڪو زمين تي ستل هو کين هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن , ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ هو ته همراه کي تيغاڻي برادري جا هٿياربند کڻي ويا آهن جلد کين بازياب ڪرايو ويندو , بدامني ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبي , ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.