Online News Room
News From Sindh

January 24, 2021. 06:41:00

”ڪورونا“ جي ڪري لڳايل قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ٽنڊي الهيار ۾ 3 ڪيس داخل ۽ گرفتاريون

ٽنڊوالهيار (آن لائن نيوز روم) سڄي سنڌ جيان ٽنڊوالھيار ضلعي ۾ ڪورونا جي حوالي سان ايمرجنسي لڳل آهي ٽنڊوالهيار ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽن شادي ھال مالڪن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ پوليس پاران 188 جي ڪارروائي ڪندي فضا شادي ھال زمزم شادي ھال روشن شادي ھال جي مالڪن تي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڌار ڌار ايف آء آر داخل ڪري ڇڏيون آهن ان سلسلي ۾ پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽنھين شادي ھالن م شاديون ھلندڙ ھيون سمورن شادي ھال مالڪن کي لکت توڙي زباني اطلاع ڪيل ھو تنهن باوجود به ڀڃڪڙي ڪئي ويئي آهي ٽنھين شادي ھال جي مالڪن کي گرفتار ڪيو ويو آھي پوليس موجب شادي ھال جي 5 مالڪن کي گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ٿيلن ۾ وسيم اظھر عامر شيخ جگديش شامل آهن ٻي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر پاران مختلف خڳهين تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي