ڪراچي (رپورٽ: سيد موسيٰ رضا) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه دهشتگردن سان مقابلي ۾ ڪرنل مجيب الرحمان جي شهادت تي گهيري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ امن جي قيام ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون ضايع نه وينديون. پنهنجي بيان ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملهائي بيٺل آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حق جي ٿيندي، شهيد اسان جو اثاثو آهن.