Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 12:32:11

ڄامشورو ۾ ايس يو پي جي ممتاز ڳورڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ۽ ڪوٽڙي پوليس خلاف ريلي

ڄامشورو(آن لائين نيوز روم) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي ڄامشورو پاران شھيد ممتاز علي ڳورڙ جي مک قاتل بهادر ڳورڙ سميت سمورن جوابدارن جي گرفتاري لاء ۽ ڪوٽڙي پوليس جي جانبداري واري عمل خلاف ٻٻر سينٽر کان جي ايم سيد چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن دوران شريڪ ماڻهو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي ڄامشوري جي سيڪريٽري شھيد ممتاز علي ڳورڙ جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار بهادر ڳورڙ سميت سمورن قاتلن جي گرفتاري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ ۽ ايس ايڇ او ڪوٽڙي قربان قمبراڻيءَ کي هٽائڻ لاءِ اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي پريس ترجمان پير بخش سھارڻ تعلقي صدر سليم راڄڙ امير بخش بليدي، ٽائون ڪميٽي جي عھديدارن ساگر بڙدي، محمد قمبراڻي، محسن ڀلائي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ ڄامشورو پوليس شھيد ممتاز قتل ڪيس ۾ بدنيتي ۽ جانبدار ڪردار ادا ڪندي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل مک جوابدار بهادر ڳورڙ کي جڙتو جي آءِ ٽي ذريعي ڪيس مان آجو ڪندي بري ڇڏيو جنهن کي اسين پوليس کي ڌر هئڻ جو واضح ثبوت سمجهون ٿا ۽ ڄامشورو پوليس جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن الزام هنيو ته ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ ۽ ايس ايڇ او ڪوٽڙي قربان علي قمبراڻي ڳري رشوت عيوض ڪيس متاثر ڪرڻ جا جتن پيا ڪن جنهن سازش کي پرامن سياسي جدوجهد ذريعي ناڪام بڻايو ويندو، هنن مطالبو ڪيو تہ ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ کي هٽائي ۽ ايس ايڇ او ڪوٽڙي قربان قمبراڻيءَ کي فوري طور معطل ڪيو وڃي ۽ شھيد ممتاز علي ڳورڙ جي مک قاتل بهادر ڳورڙ سميت سمورا جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سمورن قاتلن جي گرفتاريءَ جي عدم گرفتاري واري صورتحال تائين احتجاج جاري رهندو.احتجاج ۾ سينيئر اڳواڻن سرور برفت، قادر بخش ڀلائي، ڪليم الله ڪابورو، منصور جويو، سھيل جويو، صيفل بڙدي، شاھنواز بڙدي، اسد ڪلھوڙو، لياقت چوھاڻ، اسماعيل چانڊيو، گلشير پنھور سميت شھري ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ اين بي کوسو، جسقم جي سومر جمالي ۽ پي ٽي آئي جي لاھوتي حبيب الله آمڙو سميت وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي