Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 11:29:56

خيرپور جي هندو برادري جي سوين ماڻهن جو ڪراچي ۾ ڌرڻو

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) خيرپور ۾ ھندو ڪميونٽي ھال تي قبضي  خلاف اوڏ برادري پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ساگر اوڏ، سيفل اوڏ ، راڻو مل اوڏ ۽ ٻين چيو تہ خيرپور ۾ ھندو برادري لاء ڪميونٽي ھال 2003 ۾ سنڌ  سرڪار کين ٺھرائي ڏنو ھو جنھن تي ھن وقت گوپانگ برادري جي بااثرن قائم خان،  وحيد ۽ شمون گوپانگ قبضو ڪيو آھي ۽ ڪميونٽي ھال تي ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آھن ۽ حال جي سنڀال ڪندڙ لعل چند اوڏ ۽ ٻين کي قتل جو ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن چيو ته ايس ايس پي خيرپور ۽ اسٽنٽ ڪمشنر کي ڪيترائي دفعا ھنن شڪايتون ڪيون آھن پر ھن وقت تائين ڪنھن بہ قبضي جو نوٽيس ناھي ورتو. اڳواڻن آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته ڪميونٽي ھال تان قبضو ختم ڪرائي کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي