Online News Room
News From Sindh

July 14, 2020. 18:33:16

تازا ترين

مليردولپمينٽ اٿارٽي جي سوين ملازمن جو پگھارن ۽ برطرفين خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي سوين ملازمن 10 مھينن جون رھيل پگھارون ڏيڻ ۽ اٺن سالن کان اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي بلاجواز نوڪري مان ڪڌڻ جي خلاف احتجاجي ريلي ڪڌي روڊ تي پڻ ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي ملازمن ميڊيا سان ڳالاھيندي چيو تہ اسان کي اداري مسلسل ڏھن مھينن کان پگھارون نہ ڏنيون ويون آھن ھنن وڌيڪ چيو تہ اسان ھن اداري ۾ گذريل اٺن کان ڏھن سالن تائين اداري ۾ نوڪري ڪري رھيا آھيون پر افسوس سان اداري پاران اسان کي بلاجواز ڄاڻائي نوڪري مان فارغ ڪرڻ جو چئي اسان کي جبري نوڪري مان ڪڌي ڇڏيو آھي اسان حڪومت سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون تہ اسان کي رھيل پگھارون ۽ نوڪري تي بحال ڪري سوين ملازمن جي معاشي قتل عام بند ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي

Advertisement

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي