Online News Room
News From Sindh

January 24, 2021. 07:41:38

ٽنڊوالهيار ۾ معذور اتحاد طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوالهيار (آن لائين نيوز روم) ٽنڊوالهيار ۾ پريس ڪلب ٻاهران معذور اتحاد طرفان مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو معذورن احتجاج ۾ پلي ڪارڊ کنيل هئا جنهن ۾ اسان حق اسان کي ڏيو ۽ ٻيا نعرا درج هئا ان موقعي تي معذور اتحاد جي ضلعي صدر غلام علي ٻڌايو ته اسان معذورن کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي اسان کي نه نوڪري ملي آهي نه وظيفو، اسان کي اسان جا حق ڏنا وڃن هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان چونڊيل نمائيندن توڙي ضلعي انتظاميا آڏو ڪيترائي دفعا دانهيو آهي پر صرف دلاسن ۽ آسرن کانسواءڪجهه نه مليو آهي هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي اسانجا حق ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ حق وٺڻ لاء روزاني جي بنياد احتجاج ڪنداسين.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي