Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 12:26:09

ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ٻٽو معيار، گريڊ ھڪ کان 17 جي سوين نوڪرين لاءِ رڳو ڪراچي جو ڊوميسائل لازمي بڻائي ڇڏيو

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) گريڊ ھڪ کان ويندي گريڊ 17 جي ھزراين نوڪرين جي اشتھار  ۾ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جو  ٻٽو معيار رکندي سنڌ جي بيروزگار نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران ھزارين نوڪرين جو اشتهار  جاري  ڪيو ويو پر  گريڊ ھڪ کان گريڊ 15 تائين  جي نوڪري لاِ  صرف ڪراچي جو ڊوميسايل لازم قرار  ڏنو ويو آهي، ان منفي سوچ جي مقرر معيار سان سنڌ جي ھزارين بي روزگار نوجوانن جي روزگار جا دروازا بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته  سنڌ سرڪار يا ته  بي خبر يا روايتي ڪن لاٽار ڪري خاموش ٿي وئي آهي. سنڌ واسين  لاڳاپيل صوبائي وزير سيد ناصر شاھ ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي