Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 12:12:35

نيب ڪيس ۾ گرفتار عباس جکراڻي جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن رد، جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب ڪيس ۾ گرفتار عباس جکراڻي جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو گهرو کاتي جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي کيس سينٽرل جيل سکر منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران گهرو سيڪريٽري عثمان چاچڙ پيش ٿيو، سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عباس جکراڻي جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ واري وڏي وزير کي درخواست ڏني وئي هئي، جنهن تي چيف جسٽس گهرو سيڪريٽري کان سوال ڪيو ته وڏي وزير ٻيون اهڙيون ڪيتريون ٻيون به درخواستون منظور ڪيون آهن، ٻڌايو وڃي ته ڪراچي جيل ۾ ڪيترا قيدي آهن ۽ ڇا ڪراچي جيل ۾ بند قيدين کي به گهرن ۾ قيد ڪٽڻ جو حق ڏجي؟. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ حڪومت جو موقف رد ڪندي عباس جکراڻي کي فوري طور جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي