Online News Room
News From Sindh

November 30, 2020. 22:23:24

پيپلز پارٽي تعلقي ڀريا جي سينيئر ڪارڪنن جو ميڙاڪو، نظرانداز ڪرڻ تي احتجاج

ڀرياروڊ (رپورٽ: افضال چوھاڻ) تعلقه ڀريا جي پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن تعلقه ڀريا جي اڳواڻي جنرل سيڪريٽري ۔محمد سومر ڪيريو۔ ۔آفتاب حسين وسطڙو۔ سيد غلام سرور شاهه ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾  اهم اجلاس نوشهروفيروز ۾ ٿي گذريو ۔ اجلاس دوران پريس بيان ۾ چيوويو ته پارٽي جي هر بنيادي ڪارڪنن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي ۔ ۽ سازش ڪري تعلقي جي باڊي ۾ ڪنهن به سينئر ميمبرن کي شامل نه ڪيوويو آهي ۔ هنن ٻڌايو اسان ڪنهن جي آڏو جهڪيا ناهيو ۽ هر پارٽي جي  فيصلي کي لبيڪ ڪيو آهي ۔ ۽ هر وقت شهيدن جي پارٽي سان گڏ آهيون۔ ته پوء ڇواسان سينئر ڪارڪنن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي۔ هنن وڌيڪ بيان ۾ چيوته پارٽي جي حوالي سان اگر ڪو به فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته  سينئر ڪارڪنن کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي ۔ هنن پاڪستان پيپلزپارٽي  جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۔ ۽ ٻين اڳواڻن کي اپيل ڪندي چيو ته تعلقه ڀريا جي باڊي جي  نئي سري سان ميمبر شپ ڪرائي سينئر ورڪرن کي پارٽي جي عهدي جي حوالي سان ذميواري ڏني وڃي ۔ ٻي صورت ۾ اسان سڀ سينئر ڪارڪنن جيالا ۔محترمه جي مزار آڏو دانهين ٿينداسين ۔جڏهن ته اجلاس کان آخر ۾ سينئر ڪارڪنن اڪرم راڄپر تي من گهڙت ايف آء آر داخل ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي