Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 11:43:57

ٽنڊو الهيار سول اسپتال ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف سول سوسائيٽي جو مظاهرو

ٽنڊوالهيار  (آن لائين نيوز روم) ٽنڊي الهيار جي سول اسپتال ۾صحت جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري سول سوسائيٽي پاران پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي سول اسپتال جي انتظاميه خلاف زوردار نعرا هنيا ويا  انهي موقعي تي  اڳواڻن فدا چوهاڻ  عرفان آرائين راشد ڪشميري  عطر قائمخاني  ۽ ٻين ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو ته ڪروڙين روپين جي بجيٽ رکندڙ سول اسپتال ٽنڊوالهيار ۾ علاج جي ڪابه بنيادي سهولت موجود ناهي غريب ماڻھون دوائون نه ملڻ ڪري تڙپي تڙپي مري رهيا  آھن پر انهن کي پونسٽان جي  گوري به نٿي ڏني وڃي هنن الزام هنيو ته سول اسپتال ۾ نان ٽڪنيڪل سفارشي ماڻھن کي ڀرتي ڪيو ويو آھي جيڪو ميڊيڪل شعبي سان ڪوبه واسطو نٿا رکن  هنن وڌيڪ چيو ته هي سول اسپتال گهٽ نظر اچي ٿي هن اسپتال کي ريفر اسپتال طور ملڪ ۾  سڃاتي وڃي  ٿي هن چيو ته سول اسپتال جون ايمبولنسون صرف وڏيرن لاءۡ آھن باقي  غريب ماڻھو کان ايمبولنس جو ڪرايو ورتو وڃي ٿو ۽ انهي کانسواءۡ هن اسپتال ۾ غريب ماڻھن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي  اڳواڻن  صحت کاتي کي  اپيل ڪئي  ته ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال ۾ صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪري  ۽ ڪرپٽ ڪامورن خلاف انڪوائري ڪري  مسڪين   ماڻھن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي