Online News Room
News From Sindh

September 18, 2020. 11:28:53

مٺي ۾ سنڌ جي امر راڳي صادق فقير جي پنجين ورسي تقريب، لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش

مٺي (رپورٽ : بي ايل   چانداڻي) سنڌ جي امر راڳي صادق فقير جي پنجين ورسي صادق فقير فائونڊيشن پاران مٺي ۾ ملهائي وئي جنهن وڏي اديبن شاعردن ليکڪن فنڪارن ۽ شھرين شرڪت ڪئي ورسي تقريب کان اڳ سندس مزار تي تاج جويو،آڪاش انصاري،مختيار ابڙو،ميرحسن آريسر،نواز شاهه ڀاڏائي،امير پنهور،اسحاق سميجو،صادق جي فرزندن نزاڪت صادق،راحت فقير،ڀاءُ صابر فقير ۽ ٻين حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي وئي ٽي ايس او پاران صادق فقير جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ شفيع فقير،آڪاش انصاري،تاج جويو،ويرجي ڪولهي،نواز شاهه،امير پنهور،ماما جمن دربدر،علي دوست عاجز،ڊاڪٽر منوج ملاڻي،سشيل ملاڻي،مير بليدي،سڪيلڌو راهمو،علي اڪبر راهمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي نامياري راڳي شفيع فقير چيو ته صادق جنهن دور ۾ موسيقي شروع ڪئي انهي وقت وڏنن فنڪارن جو ڌاڪو ڄميل هو جيڪي هر ڳائڻي تي ٺپا هنيا ويندا هئا پر صادق انهن سڀني مهرن کان بچيل هو هن تي ڪا مهر هئي ته اها ٿر جي هئي هو جيڪو ڳائيندو هو ته دل سان ڳائندو هو هن جو آواز تمام گهڻو خوبصورت آھي هن جي ڳايل وائي کي تمام گهڻي مڃتا ملي ۽ توکان ٿيندي ڌار وائي کي امر بنائي ڇڏيو . ڊاڪٽر آڪاش انصاري چيو ته سٺي فنڪار سان گڏ سٺو انسان هجڻ وڏي خاصيت آھي جيڪا صادق فقير ۾ ھئي هو محبوب ماڻھو هو منهنجي شاعري وڏن فنڪارن ڳائي پر صادق فقير منهنجي شاعري ڳائي تڏھن لڳو ته منهنجي شاعري کي هاڻي ئي ڪو آواز مليو آھي ماڻھو مرندا آھن پر فن ڪونه مرندو آھي صادق جو فن هميشه رهندو صادق سنگت جي سڏ تي پهچڻ وارو هو. تاج جويو چيو ته صادق هميشه گائڪي ۾ معيار کي فوقيت ڏيندو هو هو ڪڏھن ڪنهن جو مهرو نه رهيو هو دل جو بادشاهه فنڪار هو جنهن محبت سان سموري سنسار کي ميڙي گڏ ڪيو.  صادق کانپوء سمورو ٿر اداس ٿي ويو آھي. ميرحسن آريسر چيو ته صادق فقير سهڻي صدا هو جنهن محبتون ورهايون هو سادگي پسند ماڻھو هو جنهن دوستي جو وسيع دائرو ٺاهيو هنجيڪي گيت ڳيا اهي زندگي ۾ انس ڏيندڙ آھن هو ايندڙ نسل جي دلين ۾ صدين تائين رهندو. اقبال رند چيو  صادق فقير پڙھيو لکيو فنڪار هو جنهن الڳ شاعري ڪمپوز ڪري ٻڌندڙ جو نئون حلقو ٺاهيو هو خوشگفتار ماڻھو هو جنهن جي فراخدلي ۽ مهمان نوازي وڏا گڻ ھئا سندس ڪيل خدمتون ۽ سندس راڳ جي دنيا ۾ ڪيل ڪم هميشه ياد رهندو. شاعر حاجي ساند چيو ته هن خطي جو هر آرٽ ھڪ دانهن آھي اسان جو ٿر به درد جي صدا آھن صادق جو آواز ۾ سنڌ جي تاريخ جو سمورو درد شامل آھي ٿر جي هر دانهن پڻ صادق جي آواز ۾ آھي جيڪو ماڻھن جي دلين مان نڪتي ٿي هو دلين کي متاثر ڪندڙ راڳي هو. مختيار ابڙو صادق فقير ٿر جو ٻيجل هو دنيا جي تاريخ ۾ انقلابن آڻڻ ۾ جيڪو اهم ڪردار رهيو آھي اهو فنڪارن ئي ڪيو آھي هي سرزمين خوشنصيب آھي جتي اهڙا فنڪار پيدا ٿيا آھن صادق فقير کي اڄ سنڌ سيس نوائي سلام ڪري ٿي صادق ٿر جو نوحو پوري دنيا ۾ پهچايو.نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته صادق جي موسيقي ۾ حسنائي هئي هن جي پنهنجي وطن سان سچائي جنهن کيس لازوال ڪري ڇڏيو انهي جو خال زمانن تائين ڀرجي نه سگهبو. اميرحسن پنهور چيو ته صادق ماڻھو جي روح جي پاتال تائين لهي ويندو هو اسان کي فخر آھي ته اسان وٽ صادق ۽ سرمد جو آواز آھي موسيقي ڪيفت کي تبديل ڪندي آھي اها موسيقي صادق فقير وٽ هئي هن موسيقي سان سنڌ سان ملايو، خادم ٽالپر چيو ته صادق فقير هر وقت پاڻ کي بهتر ڪندو ھو ۽ نئين شاعري کي اپنائيندو هو ڪلاسيڪل موسيقي هميشه ماڻھن جي دلين ۾ اتساهه بڻجي رهندي. صادق صدين تي نئين نسل تي اثر انداز ٿيندو رهندو، مٺو مهيري ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي سٽن سان صادق فقير کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته صادق سان محبت جو اظھار سڀني مذھبن جي ماڻھن گڏجي ڪيو صادق سر وٺڻ واري قبيلي مان هو پر هن سر ڏئي ڇڏيو. خليل ڪنڀار چيو ته صادق فقير سنڌ ۽ مٺي ۾ هڪ پل هئي جنهن جو فن سڀني کي ڳنڍيندڙ هو صادق مطالعو ڪندو ۽ روح غزل ڳولي ڪڍندو هو. تقريب کي علي دوست عاجز خليل ڪنڀر،حاجي ساند،مٺو مهيري،خادم ٽالپر،دودو چانڊيو،پيارو شيواڻي،رياض ڏاهري،عالم پيرزادو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو محفل موسيقي پڻ ٿي جنهن شفيع فقير،رفيق فقير،رجب فقير،سڪندر فقير،نزاڪت فقير،راحت صادق،هيرو لوهار،ڪريم فقير،زوار فقير،صوفي نارائڻ ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي