Online News Room
News From Sindh

September 18, 2020. 12:03:09

شڪارپور سول اسپتال ۾ پئسا نه ڏيڻ تان ٻار جو علاج نه ٿيو، معصوم ماءُ جي هنج ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو

شڪارپور (آن لائين نيوز روم) شڪارپور جي سول اسپتال انتظاميا پاران پئسا نه ملڻ تي علاج نه ٿيڻ سبب معصوم ٻار پنهنجي امڙ جي هنج ۾ ئي فوت ٿي ويو آهي. ٽن ورهين جي معصوم حبيب الله جي امڙ روئندي دانهن ڏني ته اسپتال انتظاميا سندس پٽ جي علاج لاءِ پئسا گهريا، مون وٽ رڳو 20 روپيا هئا،پئسا نه ڏيڻ سبب هنن منهنجي پٽ جو علاج نه ڪيو آهي ۽ هُن منهنجي هنج ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. شڪارپور سول اسپتال انتظاميا جي بي حسي جي انتها ان وقت ڏسڻ ۾ آئي جڏهن معصوم جو لاش گهر کڻي وڃڻ لاءِ عورت کي ايمبولنس به نه ڏني وئي ۽ هو چنگجي رڪشا ۾ پٽ جو لاش کڻي گهر رواني ٿي وئي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي