Online News Room
News From Sindh

September 21, 2021. 16:36:58

صرافه ايسوسيئيشن جو صدر ۽ سماجي اڳواڻ حاجي الطاف ميمڻ سنڌ ميمڻ اتحاد خيرپور جو صدر بڻجي ويو

خيرپور (رپورٽ: ثناء ﷲ ميمڻ ) سنڌ ميمڻ اتحاد جي سربراهه حاجي عبدالرزاق ميمڻ خيرپو پهچي صرافه ايسوسيئيشن خيرپور جي صدر ۽ مشهور سماجي اڳواڻ حاجي الطاف ميمڻ کي سنڌ ميمڻ اتحاد خيرپور ضلعي جي صدر طور اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان موقعي تي سوڪ سينٽر خيرپور لڳ حاجي الطاف ميمڻ جي رهائش گاهه تي حاجي عبدالرزاق ميمڻ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويوجنهن ۾ ميمڻ برادري جي چڱن مڙسن پڻ شرڪت ڪئي حاجي عبدالرزاق ميمڻ ان موقعي تي سنڌ ميمڻ اتحاد خيرپور ضلعي جي نئين منتخب ٿيل صدر حاجي الطاف ميمڻ کي چيو ته هو ضلعي جي باڊي جا ٻيا عهديدار منتخب ڪري اهڙي رپورٽ مرڪز ڏانهن اماڻي ان موقعي تي حاجي عبدالرزاق ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ميمڻ برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري رهيا آهيون ته جيئن ميمڻ برادري سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرائي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي