Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 12:28:04

ايران ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ سبب حڪومت زيارتين جي ايران ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي

ڪوئيٽا (آن لائين نيوز روم) ايران ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کانپوءِ حڪومت پاڪستان زيارتين جو ايران ۾ داخلا تي پابندي مڙهي وئي آهي. بلوچستان جي حڪومت پاران وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سرحدن تي زيارتين جي آمدرفت بند ڪئي وئي آهي. ٻڌايو ويو آهي ته تافتان ۾ موجود سمورن زيارتين کي واپس ڪوئيٽا گهرايو ويو آهي، جڏهن ته لڪي سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ زيارتين کي روڪڻ لاءِ به سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي