Online News Room
News From Sindh

January 26, 2021. 23:38:45

اسرائيلي فوجين کي خوبصورت ڇوڪرين جون تصويرون موڪلي ڦاسائڻ جو انڪشاف

يروشلم (آن لائين نيوز روم) اسرائيلي فوج اعتراف ڪيو آهي ته فلسطين جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيم حماس خوبصورت ڇوڪرين جي تصويرن ذريعي سندن ڪيترن ئي فوجين جا موبائل فونز هيڪ ڪري ورتا آهن. هي پهري ڀيرو ناهي جو اسرائيل اهڙي قسم جو اعتراف ڪيو آهي پر اُن کان اڳ به 2007ع ۾اسرائيلي فوج اها دعويٰ ڪئي هئي ته حماس خوبصورت ڇوڪرين جون تصويرون اسرائيلي فوجين کي موڪلي سندن موبائل فونز تائين پهچ حاصل ڪئي آهي. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل جوناٿن ڪونرڪس چيو آهي ته حماس اسرائيلي فوج جي جوانن جي فون تائين پهچي وئي آهي ۽ گذريل ٽن سالن دوران اهو ٽيو واقعو آهي، حماس خوبصورت ۽ اڌ اگهاڙين ڇوڪرين جون تصويرون موڪلي اسرائيلي فوجين کي دوکو ڏنو. هن چيو ته حماس جا ڪارڪن سائبر ڪرائيم ۾ تيزي سان مهارت حاصل ڪري رهيا آهن ۽ هن ڀيري ته هو فوجين جي ذاتي ڊيٽا ۽ نمبرن تائين به پهچي چڪا آهن.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي