نوشهرفيروز (آن لائين نيوز روم) پ پ ايم پي اي شهناز انصاري تي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پئي آهي. اطلاع موجب پ پ پي ايم اي شهناز انصاري جو سندس سئوٽ ڊاڪٽر زاهد سان جهيڙو ٿي پيو آهي، جنهن تي هٿياربندن پ پ ايم پي اي مٿان سڌي فائرنگ ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهناز انصاري زخمي ٿي پي آهي، کيس 3 گوليون لڳيون آهن. اطلاع موجب کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهي دم ڏئي ڇڏيو آهي.