Online News Room
News From Sindh

October 31, 2020. 05:22:24

خوراڪ کاتي سنڌ جو انوکو ڪارنامو، نوابشاهه ۾ 7000 ٻوريون وڪرو ڪندڙ فوڊ انسپيڪٽر تي احسان مٿان احسان

نوابشاهه (آن لائين نيوز روم) نوابشاهه ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسر نور الله مهر سرڪاري ڪڻڪ جون 7000 ٻوريون وڪرو ڪري ڇڏيون آهن، خوراڪ کاتي ڪارروائي ڪرڻ بدران کيس رقم واپس ڪرڻ لاءِ قسطون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. سرڪاري ڪڻڪ جون ٻوريون دوڙ ۽ ٻانڌي جي گودامن مان کڻي وڪرو ڪيون ويون هيون، نوابشاهه ۾ فوڊ انسپيڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ نور الله مهر مٿان ڪڻڪ جي في ٻوري 4500 روپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي. خوراڪ کاتي اهڙي حقيقت ظاهر ٿيڻ کانپوءِ فوڊ انسپيڪٽر خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران کيس رقم واپس ڪرڻ لاءِ قسطون ٺاهي ڏئي ڇڏيون آهن ۽ چيو ويو آهي ته هو سالانا رقم ادا ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي سگهي ٿو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي