Online News Room
News From Sindh

November 28, 2020. 03:16:24

ڄامشورو پوليس ڪوٽڙي ۾ ڪارروائي لاءِ آيل ليويز اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو

ڄامشورو (آن لائين نيوز روم) ڄامشورو پوليس غيرقانوني طريقي سان گرفتاريءَ لاءِ آيل ليويز جي اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن موجب گذريل رات 8 وڳي ليويز اهلڪار بلوچستان سان تعلق رکندڙ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي پهتي هئي، جتي ڄامشورو پوليس وقت سر ڪارروائي ڪري 8 ليويز اهلڪارن سميت 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن موجب ليويز اهلڪارن وٽ ڪا به ايف آءِ آر يا اٿارٽي نه هئي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي