ڪراچي (آن لائين نيوز روم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جو هنگامي اجلاس 18 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ ڪڻڪ جي خريداري، امدادي اگهه مقرر ڪرڻ، نوري آباد بجلي گهر. اقرا يونيورسٽي مان ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي پڪوڪرڻ وارا معاملا ايجنڊا ۾ شامل هوندا. ڪابينا اجلاس ۾ مختلف معاملن تي قائم 8 سب ڪميٽين جون رپورٽون پيش ڪيون وينديون.