نيو جرسي (آن لائين نيوز روم) ترڪي جائي نئين آمريڪي چيف آف پوليس بائبل تي هٿ رکي پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سندس اسرار تي پاڪ ڪتاب قرآن پاڪ گهرايو ويو، جنهن تي هُن هٿ پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. آمريڪا جي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو ڪنهن مسلمان کي پوليس جو چيف بڻايوويو آهي، آمريڪا جي 17 هين پوليس چيف ابراهيم “مائيڪ” کان حلف برادري تقريب ٿي ته ميزبان بائبل اڳيان ڪندي حلف کڻڻ جو چيو، جنهن تي نئين پوليس چيف چيو ته هو قرآن پاڪ تي هٿ رکي عهدي جو حلف کڻندو، جنهن کانپوءِ هُن قرآن پاڪ تي هٿ رکي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو.