ڪابل (آن لائين نيوز روم) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ فوجي اڪيڊمي ويجهو آپگهاتي بم ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 فوجين سميت 6 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. مارجي ويلن ۾ اڪيڊمي اسٽرڪٽر به شامل آهي. ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ کي گهيري ۾ آندو ويو آهي.