بيجنگ / واشنگٽن (آن لائين نيوز روم) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 722 ٿي ويو آهي. چين جي نيشنل هيلٿ ڪميشن موجب ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 86 ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي۽ هن وقت تائين متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 34 هزار 546 تائين پهچي چڪو آهي. رپورٽ موجب فوت ٿيل ماڻهن مان اڪثريت جو تعلق وائرس پکڙجڻ واري شهر ووهان سان آهي. هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين ۽ ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيل ٻين ملڪن لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي.