Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 13:10:33

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سرخرو، مواخذي واري تحريڪ لڙهي وئي

واشنگٽن (آن لائين نيوز روم) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مواخذي جي ڪارروائي کان بچي ويو آهي ۽ کيس الزامن کان آجو قرار ڏنو ويو آهي.آمريڪي سينيٽ پنهنجي ملڪ جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جو صدارت وڃائڻ وارو امڪان ختم ٿي ويو آهي۽ هو پنهنجي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ تائين آمريڪا جو صدر رهندو.آمريڪي سينيٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ مٿان لڳايل الزامن تي ووٽنگ ڪرائي وئي، طاقت جي ناجائز استعمال وارو الزام 48 جي مقابلي ۾ 52 ووٽ تان رد ڪيو ويو، جڏهن ته ڪانگريس ڪارروائي ۾ رڪاوٽ بڻجڻ وارو الزام 53 سينيٽرن رد ڪيو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مواخذي لاءِ 67 ووٽن جي ضرورت هئي جڏهن ته ٽرمپ جا مخالف 50 ووٽ به حاصل نه ڪري سگهيا.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي