Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 12:56:00

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اسٽيٽ آف يونين کي پنهنجي تعريفن تي ٻڌل خطاب، اسپيڪر ڪاپي ڦاڙي ڇڏي

واشنگٽن (آن لائين نيوز روم) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن وقت آمريڪا جيترو طاقتور آهي، ايترو تاريخ ۾ پهرين ڪڏهن به طاقتور نه رهيو آهي. اسٽيٽ آف دي يونين کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ چيني حڪومت سان گڏجي ڪم ڪريون پيا. تقرير کان پهرين ۽ پڃاڻي تي ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسپيڪر ايوان نمائندگان نينسي پلوسي جي هڪٻئي سان ڏند چڪ واري تصوير به ڪيمرا جي اک ۾ قيد ٿي وئي. آمريڪي صدر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آمريڪا تيل ۽ قدرتي گيس جي پيداوار ۾ دنيا جو پهريون نمبر ملڪ بڻجي ويو آهي، سرحدون ۽ معيشيت ماضي کان وڌيڪ محفوظ ۽ بهتر بڻجي ويون آهن. واضح رهي ته اسٽيٽ آف دي يونين کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو خطاب انتهائي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ٿيو، تقرير جي ڪاپي وٺڻ وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسپيڪر ايوان نمائندگان سان هٿ به نه ملهايو ۽ جڏهن ته صدر ٽرمپ جو خطاب ختم ٿيو ته نينسي پلوسي تقرير جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي، پر صدر ٽرمپ اُن سموري صورتحال کي نظرانداز ڪندي ٻاهر نڪري ويو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي