Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 04:41:23

”شاباس ڪشمور شهري اتحاد” شهرين پاران سرڪاري اسڪول کي فرنيچر ڊونيٽ

ڪشمور (رپورٽ:غلام عباس دايو ) گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪشمور ٽائون ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شھري اتحاد ڪشمور طرفان تعليم جي بهتري لاءِ دور ڪيو ويو، ان دوران هن اسڪول ۾ استادن جي کوٽ ۽ شاگردن کي ويھڻ جي لاءِ فرنيچر جو فقدان سامھون آيو، ان حوالي سان اڄ شھري اتحاد ڪشمور طرفان چيئرمين غلام رباني منگي جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر نور احمد دايو، ميان خالد حسين ڏنڱر، افق بشير چنه،ڄام اصغر چاچڑ،غلام عباس دايو،مجاھد حسين لانگاھ ۽ ٻين پھچي پنهنجي مدد پاڻ تحت شاگردن کي ويھڻ جي لاءِ 12 ڪرسيون ڏنيون ويون جنهن تي اسڪول انتظاميا شھري اتحاد جي پوري سٿ جو شڪريو ادا ڪيو ان موقعي تي ھيڊ ماستر عبدالسميع چنه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان تعليم کاتي جي عملدارن کي لکي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪوبه کڙتيل ناهي نڪتو اسين شھري اتحاد ڪشمور جا ٿورائتا آهيون جن ھن اسڪول جي شاگردن کي ويھڻ لاءِ فرنيچر جو بندوبست ڪري ڏنو ۽ ھميشہ ڪشمور جي تعليم جي بهتري لاءِ ھر ممڪن مدد ڪئي آهي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شھري اتحاد جي چيئرمين غلام رباني منگي جو چوڻ هو ته اسان هميشه تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون ضلعي انتظاميا کي گھرجي ته استادن جي کوٽ، فرنيچر ۽ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي