بيجنگ (آن لائين نيوز روم) چينگ ۾ تيزي سا پکڙجندڙ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 300 ٿي ويو آهي، برطانوي خابرو اداري موجب ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 45 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ 300 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين وائرس سبب 2 هزار 590 نوان ڪيسز به ظاهر ٿيا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب وائرس سبب متاثر ٿيل ماڻهن مان اڪثريت جو تعلق هوبئي صبي جي شهر ووهان مان آهي، ٻئي پاسي چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيل شخص جي آخري رسمون ادا ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.