Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 11:45:56

ڪورونا سبب فوتين جو انگ 250 ٿي ويو، چين مان ايندڙن تي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي

بيجنگ (آن لائين نيوز روم) چينگ ۾ تيزي سا پکڙجندڙ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 250 ٿي ويو آهي، جڏهن ته آمريڪا چين جي ماڻهن جي پنهنجي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. برطانوي خابرو اداري موجب ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 49 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ 250 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين وائرس سبب 11 هزار 791 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب وائرس سبب متاثر ٿيل ماڻهن مان اڪثريت جو تعلق هوبئي صبي جي شهر ووهان مان آهي، جڏهن ته وائرس ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ الڳ اسپتال قائم ڪئي وئي آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ڪورونا وائرس هن وقت تائين 20 ملڪن تائين پهچي چڪو آهي ۽ 22 ملڪن ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هوڏانهن آمريڪا چين جو سفر ڪندڙ پرڏيهين جي آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي