Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 05:54:05

وزيراعظم جي ڪنگري هائوس پهچي پير پاڳاري سان ملاقات، سنڌ کي حق ڏيو ۽ صوبائي حڪومت جي ڪرپشن جو خاتمو آڻيو:جي ڊي اي قيادت

ڪراچي (رپورٽ:سيد موسيٰ رضا) وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ پنهنجي اهم اتحادي جي ڊي اي جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪنگري هائوس ڪراچي پهچي ويو آهي، جتي حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي جي سرپرست اعليٰ پير پاڳاري سندس استقبال ڪيو، ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ پير پاڳاري جي قيادت ۾ جي ڊي اي وفد ملاقات ڪئي، ان موقعي گورنر عمران اسماعيل، پير صدرالدين شاهه راشدي، سردار علي گوهر خان مهر، اياز لطيف پليجو، وفاقي وزير اسد عمر، سردار عبدالرحيم، حليم عادل شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. ملاقات دوران جي ڊي اي وزيراعظم عمران خان جي قيادت مٿان مڪمل اعتماد جوا ظهار ڪيو ۽ سهڪار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران جي ڊي اي اڳواڻن وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سنڌ کي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪردار ادا ڪري. جي ڊي اي اڳواڻن وزيراعظم کي ٻڌايو ته سنڌ جا شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن. جي ڊي اي اهو به چيو ته ارسا سنڌ سان پاڻي جي ورڇ تي ناانصافي ڪري رهي آهي، وزيراعظم ذاتي طور انهي معاملي کي ڏسي ۽ سنڌ کي سندس حق جو پاڻي ڏياري. جي ڊي اي اڳواڻن وزيراعظم کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ اربين روپين جي سرڪاري زمينن تي حڪمرانن جا قبضا آهن، سنڌ جي زراعت جي تباهي جي ذميوار صوبائي حڪومت آهي، وفاق سنڌ سان گيس، بجلي ۽ پاڻي جي سلسلي ۾ انصاف ڪري. جي ڊي اي وزيراعظم اهو به مطالبو رکيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ورهاست واري سازش خلاف واضح موقف پيش ڪري، بنگالين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي. جي ڊي اي اڳواڻن وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته وفاقي ادارن جي نوڪرين کي سنڌ کي سندس جائز حق ڏنو وڃي ۽ وزيراعظم عمران خان سنڌ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ واعدي موجب ڪردار ادا ڪري.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي