ڪراچي (آن لائين نيوز روم) ڪراچي ۾ سول سوسائٽي پاران ھندو نياڻين کي جبري مذھب مثائڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو،مظاھري ۾ قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا تي سان ڳالھائيندي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، راج ڪمار، سارنگ جويو، ساحر ساگر، سھڻي جويو چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳ جيڪب آباد اغوا ٿي ويل نياڻي مھڪ ڪماري کي زبرستي مسلمان ڪيو ويو جنھن جي عمر چوڏھن سال ٻڌائي پئي وڃي . ھنن چيو ته پھريان به سنڌ ۾ اھڙا ڪيترائي ڪيس سامھون آيا آھن پر سنڌ سرڪار ان تي ڪوبہ قانون پاس ناھي ڪيو. سندن چوڻ ھو ته اقيلتي برادري پاڻ کي ھتي غير محفوظ سمجھي رھي آھي سنڌ سرڪار کي گھرجي تہ کين تحفظ فراھم ڪري .