Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 12:36:35

ترڪي ۾ 6.8 شدت سان زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 19 ڄڻا فوت ۽ 600 زخمي، ڪيتريون ئي عمارتون پٽ

استنبول (آن لائين نيوز روم) ترڪي جي صوبي الازبع ۾ 6.8 جي شدت سان آيل زلزلي تباهي مچائي ڇڏي آهي، هن وقت تائين 19 ماڻهو فوت ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته تباهه ٿيل عمارتن  جي ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي. ترڪي خابرو اداري موجب زلزلو مقامي وقت موجب رات جو 8 وڳي 55 منٽن تي آيو، جنهن جي شدت 6.8 هئي، زلزلي کانپوءِ 5.1 ۽ 5.4 جي شدت سان آفٽر شاڪس به رڪارڊ ڪيا ويا. زلزلي کانپوءِ ماڻهو بدحواس ٿي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ٿڌي موسم ۾ پاڻ کي گرم رکڻ لاءِ روڊن تي باهيون ٻاري ويهي رهيا، جيڪي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ وڃڻ کان ڊنل هئا، انهن کي شاگردن جي هاسٽلز ۽ اسپورٽس سينٽرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي