Online News Room
News From Sindh

January 25, 2021. 13:01:40

چيمبر ۾ ناري سان لڄالٽ جي الزام هيٺ آيل سول جج امتياز ڀٽو خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) پنهنجي چيمبر ۾ ناري سان لڄالٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل سول جج سيوهڻ امتياز ڀٽو جو پهريون موقف پنهنجي وڪيل جي ذريعي سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ هُن پاڻ مٿان لڳايل سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. جج امتياز ڀٽو جي وڪيل شاهد سومرو چيو آهي ته امتياز حسين ڀٽو مٿان لڳايل سومرا الزام بي بنياد آهن، جج جي چيمبر جا سمورا دروازا کليل هئا. وڪيل شاهد سومرو چيو آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهن، اهڙي ڪيسز ۾ جج کي ڇوڪري جو بيان وٺڻو هوندو آهي، انهي سموري ڪارروائي دوران عدالتي عملو ڪيترائي ڀيرا جج جي چيمبر اندر آيا ۽ واپس موٽيا. هن چيو ته اسان ٽرائيل کي منهن ڏينداسين، هي سڀ ڪجهه هڪ جڊيشل آفيسر خلاف سازش آهي. هن چيو ته جڊيشل مئجسٽريٽ پوليس خلاف ٿاڻن تي ڪارروائي ڪري ٿو، جنهن کانپوءِ هو پوليس لاءِ ناپسنديده بڻجي وڃي ٿو. ايڊووڪيٽ شاهد حسين سومرو چيو آهي ته سمورو ڪيس ڪوڙ تي ٻڌل آهي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي