Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 06:13:03

وزيراعظم عمران خان ۽ پير پاڳاري ۾ سڌو رابطو

ڪراچي (رپورٽ: سيد موسيٰ رضا) وزيراعظم عمران خان سنڌ مان اهم اتحادي جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم کي راضي ڪرڻ لاءِ ساڻن پاڻ رابطو ڪري ورتو آهي. آن لائين نيوز روم کي مليل ڄاڻ موجب وزيراعظم عمران خان پنهنجي اتحادي جي ڊي اي جي سربراهه ۽ حُرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان سڌي ملاقات ڪري سندس خدشا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان 27 جنوري تي ڪراچي جي هڪ ڏينهن جي دوري تي پهچي رهيوآهي. وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس ڪراچي ۾ جي ڊي اي سربراهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري سان ملاقات ڪندو ۽ سندس خدشا ختم ڪندو. ذريعن موجب ان سلسلي ۾ گورنر هائوس ڪراچي جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري کي فون ذريعي آگاهي پڻ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب جي ڊي اي قيادت وزراعظم عمران خان آڏو پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ لاءِ فهرست تيار ڪري ورتي آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائڻ، بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ، زرعي پاڻي جي درست نموني ورڇ يقيني بڻائڻ ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن مٿان داخل ٿي ڪيس جا معاملا شامل آهن. ذريعن موجب ساڳئي ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جو وفد به گورنر هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان الڳ ملاقات ڪندو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي