Online News Room
News From Sindh

January 18, 2021. 11:56:13

چين ۾ ساهه جي ”ڪورونا“ وائرس تباهي مچائي ڇڏي، پاڪستان ۾ به الرٽ جاري

ووهان/ڪراچي (آن لائين نيوز روم) چين جي شهر ووهان ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين فوت ٿيلن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ شهر ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بند ڪيو ويو آهي ۽ شهر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن کي چيو ويو آهي ته هو في الحال شهر کان ٻاهر نه نڪرن. ساهه جي هي بيماري هاڻي چين جي ٻين شهرن ۾ به پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته دنيا جي ڪجهه ٻين ملڪن ۾ به انهي مرض بابت ڳالهيون اچي رهيون آهن. هن وقت تائين ڪرونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 17 ٿي ويو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 500 ماڻهن ۾ وائرس جي موجودگي جي تصديق ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي صحت جي عالمي تنظيم ڊي ايڇ او وائرس تي پنهنجي هنگامي ميٽنگ گهرائي ۽ فيصلو ڪيو ته في الحال هن مرض تي ايمرجنسي نٿي لڳائي وڃي. هوڏانهن چين ۾ ڪرونا وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ به الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چين کانسواءِ آمريڪا، ٿائلينڊ، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ به ڪرونا وائرس جي موجودگي جا اطلاع ملي رهيا آهن، تنهن ڪري چين مان ايندڙ مسافرن جي اسڪريننگ لاءِ ڊيسڪ جوڙيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ مقرر صحت آفيسرن جي ٽريننگ به ڪرائي وئي آهي. ڊاڪٽر ممتاز موجب چين مان ايندڙ هر مسافر جي ٽيسٽ ڪئي ويندي، جنهن کي اسان ريپڊ اسڪريننگ چئون ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به مسافر ۾ مرض جي تصديق ٿيندي ته کيس اسلام آباد ۾ پمز، ڪراچي ۾ جناح ۽ لاهور ۾ ميو اسپتال منتقل ڪيو ويندو، جتي تياريون جاري آهن.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي