ڪراچي (نمائندو آن لائين نيوز روم) پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ چيو آهي ته جوهي جي چونڊن مان ثابت ٿي ويو آهي ته جڏهن به شفاف چونڊ ٿئي ٿي ته اها چونڊ پ پ کٽيندي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مختلف ليڊرن جي دعوائن کي جوهي واري اليڪشن لوڙهي ڇڏيو، جوهي جي عوام ثابت ڪيو ته هو پيپلزپارٽي سان گڏ آهن. هن چيو ته ان کان پهرين جيڪا اليڪشن ٿي اتي پ پ جي ووٽرن کي ووٽ وجهڻ نه ڏنو ويو آهي، ايڏي ڪاميابي تي خبر ناهي الائي ڇو ميڊيا تي ڪو خاص تبصرو نظر نه آيو.