Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 05:10:24

ٺري ميرواهه ۾ گهٽي مان گذرڻ تان نوجوان جو منهن ڪارو ڪيو ويو، ويڊيو سوشل ميڊيا تي رکي وئي

ٺري ميرواهه (رپورٽ: محمد عظيم شر) ٺري ميرواھ ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو، ڳوٺ رحيم خان شر ۾ بااثر نويد شر ۽ سڪندر جي ماڻھن صفدر علي شر کي رستي تان پڪڙي منهن تي ڪارو تئو گهمائي وڊيو اسٽيٽس تي رکي ڇڏي . نوجوان کي منهن تي ڪارنھن ملي.ذريعن موجب نوجوان کي گهٽي مان گذرڻ کان منع ڪئي وئي ھئي  نوجوان جئين ئي گھٽي ۾ آيو ته جوابدارن کيس پڪڙي منھن ڪارو ڪري وڊيو واٽس اپ اسٽيٽس تي رکي ڇڏي، جنھن کانپوءِ وڊيو وائرل ٿي وئي، آخري اطلاعن تائين نه واقعي جو ڪيس داخل ٿيو آهي ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي