Online News Room
News From Sindh

January 25, 2021. 12:53:27

آمريڪا آخرڪار ايران آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا، گڏيل قومن کي خط لکي ڳالهين جي آڇ

نيويارڪ (آن لائين نيوز روم) آمريڪا آخرڪار ايران آڏو گوڏا کوڙيندي کيس ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. آمريڪا جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کانپوءِ پيد اٿيل ڇڪتاڻ  جي خاتمي ۽ عالمي سطح تي امن جي قيام لاءِ ايران کي ڳالهين جي غيرمشروط آڇ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ آمريڪي سفير ڪيلي ڪرافٽ گڏيل قومن کي هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا، ايران سان غيرمشروط ڳالهيون ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي، جيئن عالمي امن ۽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ خطرو نه ٿئي ۽ ايراني حڪومت وڌيڪ جارحيت جو مظاهرو نه ڪئي. آمريڪا پاران لکيل خط ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت جنرل قاسم سليماني جي قتل جو دفاع ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته سليماني جو قتل آمريڪا پنهنجي دفاع ۾ ڪيو آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا خطي ۾ پنهنجي فوج ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. ٻئي طرف ايران به گڏيل قومن جي سلامتي ڪميٽي کي خط لکي عراق ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي ڪارروائي جو آرٽيڪل 51 تحت دفاع ڪيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته آپريشن انتهائي محدود ڪيو ويو ۽ ان ۾ رڳو فوجي هدف کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ علائقي ۾ ڪنهن به شهري يا شهري اثاثن کي نقصان نه پهتو آهي. ايران آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هو وڌيڪ ڪنهن به فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪري ۽ ايران عالمي قانون جي پاسداري ڪندي ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ پنهنجي عوام جي دفاع، خودمختياري، اتحاد ۽ علاقائي سالميت جي بقا خاطر جواب ڏيڻ جو عزم رکي ٿو.  خط ۾ ايران اهو چيو آهي ته تهران عراق جي مڪمل خومختياري جو احترام ڪري ٿو.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي