Online News Room
News From Sindh

January 24, 2021. 08:25:14

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان پئسا وٺندڙ سنڌ ۽ بلوچستان جا سوين ”غريب“ آفيسر پڌرا

ڪراچي (رپورٽ: سيد موسيٰ رضا) سنڌ ۽ بلوچستان جا بيورو ڪريٽس به انتهائي غريب نڪتا. هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي گريڊ 17 کان گريڊ 21 تائين سوين آفيسرن جي زالن به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي رقم وصول ڪئي آهي. بلوچستان جي 741 آفيسرن يا سندن زالن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو ماڻيو، انهن ۾ گريڊ 21 جا 2 ، گريڊ 20 جا 27، گريڊ 19 جا 99، گريڊ 18 جا 90 ۽ گريڊ 17 جا 523 غريب آفيسر شامل آهن، اهڙي ريت سنڌ جي گريڊ 17 کان گريڊ 20 تائين جي 11 سئو 22 آفيسرن  ۽ سندن زالن بينظير انڪم سپورٽ ذريعي رقم وصول ڪئي آهي، ڪي پي جي 403 ۽ پنجاب جي 137 آفيسرن  ۽ سندن زال بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي رقم وصول ڪئي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي