Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 05:00:38

ڊاڪٽر مجيب الدين ميمڻ کي ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جي منظوري، سمورن کاتن کان نوڪرين جا تفصيل طلب

ڪراچي (رپورٽ: سيد موسيٰ رضا) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو،  اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا جا سمورا وزير,چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ فشريز ايٽم تي صوبائي وزير باري پتافي جي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بااثر ماڻهن پنهنجون جيٽيون ٺآهي ڇڏيون آهن، غيرقانوني جيٽيون ٺاهڻ سبب مٿن ڪو چيڪ بينلس ناهي، ڪراچي,غيرقانوني جيٽين سبب ساليانو چارکان پنج اربن جو نقصان ٿي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت ٽوٽل 33 جيٽيون آهن,جن ۾ 12 ابراهيم حيدري,5 ماڙي پور,6ٺٽو بدين ساڪرو ۽ گهارو ۾ ۽ 10 بلوچستان ۾ آهن، جنهن کانپوءِ سنڌ ڪابينا جيٽين کي ريگولرڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا پي ٽي ڊي سي جا اثاثا حاصل ڪرڻ لاءِ وفاق کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته  پي ٽي ڊي سي جا سنڌ ۾ ست اثاثا آهن،  هاڪس بي موٽيل,سکر ۾ 32 ڪينال زمين,حيدرآباد ۾ 9 ڪينال,موهن جو دڙو ۾ هوٽل ۽ ٻيا اثاثا شامل آهن، جنهن تي وڏي وزير چيوته ڄاڻايل اثاثا ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ کي منتقل ٿيڻ گهرجن. ڪابينا پايزي آف ڊوئنگ بزنس تحت دڪاندارن کان رجسٽريشن في نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو، سنڌ ڪابينا سامونڊي پٽي جي اڍائي ملين ايڪڙزمين تي تمر جا ٻوٽا پوکڻ لاء خانگي ڪمپني سان ٺاه جي منظوري ڏئي ڇڏي،  ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اڍائي ملين ايڪڙن تي تمر پوکيا ويندا، انڊس ڊيلٽا ۾ 5لک تمر جا ٻوٽا پوکيا ويا آهن,آگاهي ۽ ڄاڻايل رٿا تحت 25 ملين روپياخرچ ڪيا ويندا. سنڌ ڪابينا هڪ دفعو ٻيهر  پروفيسرڊاڪٽر مجيب الدين ميمڻ کي ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي  جو وي سي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،  سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪابينا جي منظوري کانسوءِ سندس وي سي مقرر ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏنو هو، سنڌ ڪابينا ۾ ڊاڪٽر مجيب ميمڻ جي وي سي مقرر ڪرڻ واري فيصلي جي منظوري ڏني وئي. سنڌ ڪابينا اجلاس دوران وڏي وزير سمورن کاتن ۾ فيسلٽي وائيز خالي جاين جا تفصيل 15جنوري تائين وزيراعلي هائوس ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ وڏي وزير چيو ته  اسڪولن,اسپتالن,ڊي سي آفيسن سميت جن به ادارن ۾ جايون خالي آهن انهن جا تفصيل ڏنا وڃن. سنڌ ڪابينا صوبي ۾ ناياب جانور جابلو ٻڪر (گڊ) جي شڪار تان پابندي ختم ڪري ڇڏي آي،  ڪراچي, جابلو ٻڪر جو شڪار رک ۾ نه ٿيندو آهي,آگاهي،ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪوهستان ۾ جابلو ٻڪر جو تعداد 26 هزار آهي,جيڪي محفوظ هنڌ ۾ رهن ٿا. ڪابينا رک ٻاهر رهندڙ جابلو ٻڪرن جي شڪار جي منظوري ڏئي ڇڏي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي