Online News Room
News From Sindh

January 24, 2021. 07:29:35

”آئٽم گرل“ ۽ ”مرد“ ۾ سخت بحث

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ۽ ناليواري اداڪاره مهوش حيات سماجي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اٽڪي پيا آهن. تازو ئي مهوش حيات ٽوئيٽر تي جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ جي مذمت ڪئي، انهي ٽوئيٽ تي عامر لياقت، مهوش حيات مٿان تنقيد ڪئي. عامر لياقت لکيو ته تمغه امتياز جو اهو مطلب ناهي ته آئٽم گرل امتياز بيان ڏئي، کيس پاڪستان جي پاليسي سان گڏ هلڻ گهرجي ۽ هونئن به ڇا قاسم سليماني حيات هجي ها ته کيس ايران ۾ پرفارمنس لاءِ گهرائي ها؟. عامر لياقت کي مهوش حيات لاءِ آئٽم گرل لفظ مهانگو پئجي ويو ۽ جواب ۾ مهش حيات به کيس سڌيون سڌيون ٻڌائي ڇڏيون. مهوش حيات جواب ۾ لکيو ته آئٽم گرل پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ لاءِ جمهوري حق استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته اوهان انهي معاملي کي ذاتي بڻائي رهيا آهيو. اداڪاره چيو ته اوهان مرد بڻجو، هونئن هُن ڪيس جو ڇا ٿيو جيڪو اوهان منهنجي فلم لوڊويڊنگ خلاف داخل ڪيو هو، آئون انتظار ڪريان پئي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي