Online News Room
News From Sindh

January 24, 2021. 07:02:34

نيب جون سوڙھيون ڪوٺيون ۽ جيل اسان کي نه ٿا جهڪائي سگهن:آغا سراج دراني

ڳڙهي ياسين (آن لائين نيوز روم) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ اورنگ آباد ۾ خادم حسين دل پاران اسپيڪر سنڌ اسمبلي آغا سراج خان دراني ڊسٽرڪٽ ڪا ئونسل شڪارپور چيئرمين آغا مسيح الدين خان دراني جن جي مان ۾ دعوت ڪئي ان موقعي تي آغا سراج خان دراني خطاب ڪندي چيو ته اسان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي جا سچا سپاهي آھيون اسانکي نيب جي سوڙھيون ڪوٺيون ۽ جيل نه ٿا جهڪائي سگهن ڪجھ ماڻھن منهنجي ۽ منهنجي خاندان خلاف سازشون ڪري ڪوڙيون درخواستون ڏنيون پر منهنجي خلاف نيب هڪ  ڪيس به ثابت نه ڪري سگهي ان وڌيڪ چيو ته ڳڙھي ياسين تعلقي جي عوام جي اسان بي لوث خدمت ڪئي آھي جنهن سبب تعلقي جو عوام به اسانکي دعائون ڏئي ٿو جنهن جو نتيجو آھي جو اڄ اسين آزاد ۽ عوام جي وچ ۾ آھيون ان موقعي تي چيو ته مان تعلقي ڳڙھي ياسين جي ڳوٺن ۾ وڃي عوام جو شڪريو ادا ڪندس۔ان پروگرام ۾ ٽائون چيئر مين آغا شجاع الدين خان دراني پي پي ليڊيز ونگ تعلقه صدر آپا رخسانه مرکياڻي اڳوڻو تعلقه پي پي صدر آغا عبدالرحمان عرف ڏاڏو خان پٺاڻ سيد عاشق عل شاه ايڊوڪيٽ آغا ثناء الله خان دراني آغا جاويد خان دراني پ پ سٽي ڳڙھي ياسين جنرل سيڪريٽري محمد طاهر پنهور انعام الله دل محمد ايوب ڪيهر محمد پنهل جيهو نادر حسين ڪيھر ۽ عزيز الله منگي سميت پي پي عهديدارن ورڪرن دل برادري جي چگن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي