راڄوخاناڻي (آن لائين نيوز روم) ايم پي اي تلھار مير الله بخش ٽالپر جي اڳواڻي ۾ 20 گاڏين جو قافلو شھيد محترما بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ لياقت باغ پنڊي روانو ٿي ويو. ان موقعي تي مير الله بخش ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 27 ڊسمبر تي عوامي سمنڊ حڪمرانن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو، پ پ جيالا ثابت ڪندا ته کين ڪٺ پتلي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھي.