ڪراچي (آن لائين نيوز روم) پي پي ايڇ آءِ آفيسرن لاءِ دبئي بڻجي وئي آهي، مالي بحران جي شڪايت ڪندڙ سنڌ حڪومت پي پي ايڇ آءِ جي هر هڪ آفيسر کي ماهوار لک نه لکين روپيا پگهار ادا ڪري رهي آهي. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب پي پي ايڇ آءِ جو سي اِ او ڊاڪٽر وهاب سومرو ماهوار 10 لک 44 هزار 680 روپيا، سي او او غلام علي سومرو ماهوار 8 لک 26 هزار 978 روپيا ماهوار ۽ ڊائريڪٽر ايڇ آر جاويد ابڙو 5 لک 19 هزار 752 روپيا ماهوار پگهار کڻن ٿا، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ پي پي ايڇ آءِ جي آفيسرن جي پگهارن جون سلپون ۽ سندن شاهاڻن خرچن بابت بحث هلي رهيوآهي.