مٺي (آن لائين نيوز روم) ٿرپارڪر جي ستن ئي تعلقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نه هئڻ جو سنڌ سرڪار نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي ۽ ٿرپارڪر ۾ ٽن اسسٽنٽ ڪمشنرن جي مقرري جو چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي جنهن تحت پريم چند اي سي ننگرپارڪر، نثار احمد ميمڻ اي سي مٺي ۽ کيس اسلام ڪوٽ جي اضافي چارج ڏني وئي آھي ۽ آغا ذوالفقار دراني کي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏيپلو مقرر ڪري کيس عمرڪوٽ ضلعي جي تعلقو ڪنري جي چارج پڻ ڏني وئي آھي جڏھن ته سيد ڪبير شاھ کي اي ڊي سي ٽو ٿرپارڪر مقرر ڪري ڇڏيو آھي