Online News Room
News From Sindh

January 27, 2021. 04:46:40

آصف علي زرداري جي صوبائي وزير هري ڪشوري لال کان انوکي فرمائش

ڪراچي (آن لائين نيوز روم) اڳوڻي صدر  ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان سندس ننڍپڻ جي دوست ۽ اقليتي معاملن ۽ خوراڪ واري صوبائي وزير سنڌ هري رام ڪشوري لال نجي اسپتال ضياءَ الدين ۾ ملاقات ڪري عيادت ڪئي آهي.ان موقعي تي دلچسپ صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن  اڳوڻي صدر آصف زرداري پنهنجي ننڍپڻ جي دوست هري رام ڪشوري لال کان ميرپورخاص جي مشهور چڻا چاٽ کائڻ جي فرمائش ڪندي چيو ته مون کي ڪڏهن ٿا ميرپورخاص جي چڻا چاٽ کارايو؟ هن عمر ۾ ننڍپڻ ئي ياد ايندو، تنهن تي صوبائي وزير چيو ته مان هتي ئي اسپتال ۾ اوهان کي ميرپورخاص واري چڻا چاٽ ٺاهڻ واري کي گهرائي گرم ۽ تازي چاٽ کارايان ٿو، ننڊ پڻ جون يادون انمول تحفو هونديون آهن.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي