Online News Room
News From Sindh

January 25, 2021. 13:11:45

ڪوٽڙي ۾ نامياري شاعر سرور نواز ٻگهيو سان رهاڻ، ڪتاب جو به مهورت

ڪوٽڙي (رپورٽ:جهانگير سهڙو) سنڌي ادبي سنگت ۽ سرور نواز ٻگهيو فائونڊيشن پاران سنڌ جي نامياري شاعر سرور نواز ٻگهيو سان رهاڻ رچائي وئي، ان موقعي تي سندس تازي ڇپيل ڪتاب، اُڀر چنڊ پس پرين،، جي مهورت پڻ ٿي.  تقريب ڪوٽڙي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن شاعرن فنڪارن سياسي سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، محفل جي مور سرور نواز ٻگهيي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي شاعري سماج جي سمورن مسئلن جو اپٽار هجڻ سان گڏ اندر جي احساسن جي ترجماني آهي، هن قسم جي پروگرام سان جيئري ئي مڃتا ڏس  خوشي ٿي آهي.  پروگرام جي صدارت ڪندڙ اديب دانشور نصير مرزا چيو ته ڪوٽڙي شهر  اديبن جو شهر آهي جتي علي بابا کان وٺي موهن ڪلپنا تائين جهڙن عظيم ليکارين جنم ورتو آهي، هن چيو ته سرور نواز ٻگهيي هن دور جي تاريخ کي پنهنجر قلمي ڏات ذريعي قلم بند ڪري ڇڏيو آهي.  خاص مهمان طور تقرير ڪندي ليکڪا ۽ شاعره گلبدن جاويد مرزا چيو ته سرور نواز ٻگهيو ڪوٽڙيءَ جي علم ۽ ادب جي تاريخ جو تسلسل آهي جيڪو پنهنجي قلم ذريعي سمج جي اهنجن کي نروار ڪندو رهي ٿو. شاعره نسرين الطاف چيو ته سرور نواز ٻگهيي جو ڪتاب هن دور جي جيئري جاڳندي تاريخ جو هڪ باب آهي.  تقريب ۾ نامياري شهنائي نواز استاد عبدالله خان، راڳي نادر مغيري، خادم سخيراڻي، فن جو مظاهرو ڪيو ۽ سرورنواز ٻگهيو کي ڀيٽ  پيش ڪئي.  انور سولنگي شاه جي وائي ڳائي، جڏھن ته علي نواز پلي اصغر جوڻيجو عاجز ڏاهري، ساگر عالماڻي، اختر رند پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري ساس ڪوٽڙي  نعيم ملڪ آجياڻو ڏنو جڏھن ته رضوان ڪابوري حمد ۽ نعت پڙھي.

جواب ڇڏيو

توھان جي اي ميل ايڊريس شايع نھ ڪئي ويندي